ڪراچي:
عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ اڄ سون جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.
اڱاري ڏينهن عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ 104 ڊالر في اونس جو اضافو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ سون جي قيمت 4 هزار 980 ڊالر في اونس ٿي وئي.
ٻئي طرف مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ به 24 قيراط سون جو في تولو اگهه 10 هزار 400 رپيا گهٽتائي سان 4 لک 32 هزار 236 رپيا في تولو ٿي ويو آهي ۽ اهڙي طرح في 10 گرام سون جو اگهه 9 هزار 360 رپيا گهٽتائي سان 3 لک 68 هزار 985 رپيا ٿي ويو آهي.
هوڏانهن مقامي سطح تي چاندي جو في تولو اگهه 487 رپيا گهٽتائي سان 6 هزار 664 رپيا ۽ 10 گرام چاندي جو اگهه به 438 رپيا گهٽتائي سان 5 هزار 641 رپيا ٿي ويو آهي.


