آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ 1.29 ارب ڊالرن جي نئين لوڊشيڊنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ پاڪستان لاءِ 1.29 ارب ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ايڪسپريس نيوز کي مليل رپورٽن موجب پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو جائزو وٺڻ وارو اجلاس واشنگٽن ۾ ٿيو.

اجلاس ۾ ايگزيڪيوٽو بورڊ پاڪستان لاءِ 1.29 بلين ڊالر قرض ۽ 1.09 بلين ڊالر جي قسط جي به منظوري ڏني.

اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي بابت آر ايس ايف فنڊ جي 200 ملين ڊالرز جي پهرين قسط جي منظوري ڏني وئي.

پاڪستان کي 37 مهينن جو موجوده قرض پروگرام سيپٽمبر 2024ع ۾ مليو، اي ايف ايف پروگرام جي هڪ ارب ڊالرن جي پهرين قسط سيپٽمبر 2024ع ۾ ملي هئي ۽ اي ايف ايف قرض پروگرام تحت هڪ ارب ڊالر جي ٻي قسط مئي 2025ع ۾ ملي هئي.

ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوري کانپوءِ 1.29 ارب ڊالر ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ اسٽيٽ بئنڪ ڏانهن منتقل ڪيا ويندا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment