ايف بي آر هڪ ڀيرو ٻيهر ٽيڪس ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام، 860 ارب کان وڌيڪ شارٽ فال جو خدشو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ڏهين مهيني (مئي) لاءِ ٽيڪس وصولي جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته هلندڙ مالي سال 2025-26 جي پهرين 11 مهينن (جولاءِ کان مئي) دوران عبوري روينيو شارٽ فال 860 ارب رپين کان وڌي وڃڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب فيڊرل بورڊ آف روينيو هڪ ڀيرو ٻيهر هلندڙ مالي سال لاءِ ٽيڪس جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ ٽيڪس شارٽ فال 860 ارب رپين کان وڌيڪ ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مئي 2026ع لاءِ ٽيڪس وصولي جو هدف 1150 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو هو پر هن وقت تائين رڳو 965 ارب رپيا گڏ ٿيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر کي رڳو مئي مهيني ۾ 185 کان 190 ارب رپين جي روينيو شارٽ فال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته آفيسرن کي اميد آهي ته آچر تي آفيسون کولڻ جي آخري ڏينهن سان وصولين ۾ بهتري اچي سگهي ٿي. ذريعن موجب مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ 683 ارب رپين جو شارٽ فال رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته پهرين 11 مهينن جي آخر تائين اهو خسارو 860 ارب رپين کان وڌي وڃڻ جو امڪان آهي. هن مالي سال جي شروعات ۾ ايف بي آر جو سالياني ٽيڪس جو هدف 14 هزار 131 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو هو پر بعد ۾ آءِ ايم ايف جي مشاورت سان ان کي گهٽائي 13 هزار 989 ارب رپيا ڪيو ويو، ان باوجود روينيو گڏ ڪرڻ ۾ مشڪلاتون برقرار آهن. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال 27-2026ع لاءِ ايف بي آر جو نئون ٽيڪس ٽارگيٽ 15 هزار 267 ارب رپيا رکڻ جي تجويز غور هيٺ آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment