چيني IPPs کي نون رعايتي معاهدن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ حڪومت جون ڪوششون تيز ٿي رهيون آهن

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


اسلام آباد:

حڪومت چيني آئي پي پيز کي نئين رعايتي معاهدن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن نون معاهدن تي 1.225 ٽريلين رپين جو گردشي قرض فنڊ جاري ڪرڻ کي مشروط ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نيشنل انرجي ٽاسڪ فورس به چيني آءِ پي پيز جي تجويز ڪيل طريقيڪار کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.

ذريعن موجب حڪومت تي چيني آءِ پي پيز جا قرض 560 ارب رپين کان به وڌي ويا آهن. جون 2025ع ۾ اهي واجبات 430 ارب رپيا هئا. مالي مشڪلاتن سبب چيني پاور پراجيڪٽس جي ادائيگين ۾ مسلسل دير ٿي رهي آهي، جنهن کانپوءِ چيني ڪمپنيون واجبات جي وصولي لاءِ سي پيڪ سيڪريٽريٽ سميت مختلف فورمز تي رابطو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت ٻين آءِ پي پيز جي طرز تي چائنيز آءِ پي پيز کي رعايتي معاهدن جي تجويز ڏني آهي پر چيني پاور ڪمپنيون شرط مڃڻ کان انڪار ڪري رهيون آهن. وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري کان اڳ حڪومت اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ چين جي 16 پاور منصوبن لاءِ 100 ارب رپيا به ادا ڪيا هئا.

ذريعن موجب حڪومت 18 ڪمرشل بئنڪن کان 1.225 کرب رپين جو قرض ورتو هو. توانائي جي شعبي جو گردشي قرض هاڻي 1.8 ٽريلين رپين جي ويجهو پهچي ويو آهي. ان فنڊ جو وڏو حصو چيني آءِ پي پيز جي عدم اتفاق سبب جاري نه ٿي سگهيو. وفاقي ڪابينا فنڊز جاري ڪرڻ کي به چيني منصوبن جي رضامندي سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي.

حڪومت اشارو ڪيو آهي ته يا ته معاهدن تي نظرثاني ڪئي ويندي يا ادائگي موجوده شرطن جي تحت جاري رهندي.

ٻئي طرف پورٽ قاسم اليڪٽرڪ پاور ڪمپني ادائگي ۾ دير تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ادائگي نه ڪئي وئي ته ڪمپني بجلي جي پيداوار بند ڪرڻ جو حق محفوظ رکي ٿي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاور سيڪٽر جي گردشي قرض کي هڪ وڏو معاشي خطرو قرار ڏنو آهي ۽ توانائي شعبي جي مالياتي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ٽيرف ايڊجسٽمينٽ، سبسڊي ۾ گهٽتائي ۽ اضافي سرچارج لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment