پاڪستان آئل ٽينڪرز ۽ ڪانٽريڪٽرز حڪومت کي مطالبن جي مڃتا لاءِ 72 ڪلاڪن جو الٽي ميٽم ڏئي ڇڏيو.
ڪراچي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي اڳواڻن چيو ته مطالبا نه مڃيا ويا ته سڄي ملڪ ۾ هڙتال ڪئي ويندي، جنهن جي ذميواري پيٽروليم واري وزارت ۽ اوگرا تي هوندي. هنن مطالبو ڪيو ته وائيٽ آئل پائيپ لائين جي ڪوٽا ۾ واڌ ۽ ڪمرشل لوڊشيڊنگ فوري طور بند ڪئي وڃي.
آل پاڪستان آئل ٽينڪرز اونرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبيدالله آفريدي چيو آهي ته گذريل ٽن سالن کان آئل ٽينڪرز جا ڀاڙا نه وڌايا ويا آهن، جڏهن ته موٽر وي ۽ اين ايڇ اي ٽول ٽيڪس ۾ 180 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي، ان ڪري ڀاڙا به ٽول ٽيڪس جي تناسب سان وڌائڻ گهرجن.
هن چيو ته گذريل ڏيڍ سال کان ڳالهيون ۽ خط و ڪتابت هلي رهي هئي پر اوگرا ۽ پيٽروليم ڊويزن کين هڙتال تي مجبور ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن مطالبا نه مڃيا ويا ته سڄي پاڪستان ۾ آئل ٽينڪرز جا ڦيٿا جام ڪيا ويندا.
جنرل سيڪريٽري شعيب خان چيو ته 55 سيڪڙو بدران 80 سيڪڙو ڪارگو پائيپ لائين کي ڏنو پيو وڃي، جنهن سبب گاڏيون لوڊشيڊنگ جي انتظار ۾ بيٺل آهن.
هن مطالبو ڪيو ته ڪمرشل لوڊشيڊنگ بند ڪري پائيپ لائين جو ڪوٽا مقرر ڪيو وڃي. هن چيو ته پائيپ لائين لڳڻ سبب ٻن مهينن ۾ صرف هڪ ٽرپ ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته هڪ گاڏي تي 2.5 کان 3 ڪروڙ رپيا خرچ اچي ٿو.
هن چيو ته حڪومت 70 سيڪڙو ڪوٽا پائيپ لائين وڇائڻ لاءِ ڏني آهي، باقي 30 سيڪڙو روڊن لاءِ آهي پر اها به فراهم نه ڪئي پئي وڃي. شعيب خان چيو ته هن ڪيترائي ڀيرا وفاقي وزير علي پرويز کي ملاقات لاءِ خط لکيا پر ڪا به ٻڌڻي نه ٿي، جڏهن احتجاج يا هڙتال جي ڳالهه ٿيندي آهي ته حڪومت ماڻهن سان بدتميزي جا الزام لڳائيندي آهي.
آل پاڪستان آئل ٽينڪرز ايسوسي ايشن جي صدر سرفراز جدون چيو ته ٽن سالن ۾ اين ايڇ اي ٽيڪس ۾ 180 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي پر ان جا کرايه اڄ به اهي ئي آهن، جيڪي ٽي سال اڳ هئا. هن چيو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي صنعت ٽرانسپورٽ آهي، ٽرانسپورٽرن سان سٽي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪيو وڃي.
هن چيو ته جيڪڏهن 72 ڪلاڪن ۾ مسئلا حل نه ڪيا ويا ته سڄي ملڪ ۾ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي ويندي، جنهن ڪري حڪومت کين مجبور ڪيو آهي.
محمد سليمان ترين چيو ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪندڙن کي بهتر موقعا فراهم ڪرڻ آهي، جڏهن ته ٽرانسپورٽ جو شعبو ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پائپ لائن سندس صلاح مشوري کانسواءِ وڇائي وئي، جنهن سبب سندس ڪاروبار کي سخت نقصان پهتو ۽ وڌيڪ تباهي ٿي.
خيبرپختونخواهه ۾ پيٽروليم ايسوسيئيشن جي مطالبن جي حق ۾ اڻڄاتل مدي تائين هڙتال شروع
ٻئي طرف خيبرپختونخواهه ۾ پيٽروليم ايسوسيئيشن مطالبن جي حق ۾ اڻڄاتل هڙتال شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب صوبي ۾ ڪيترائي پيٽرول پمپ مڪمل يا جزوي طور بند آهن.
مالاڪنڊ ڊويزن جي ضلعن لوئر دير، اپر دير، چترال، باجوڑ، سوات، مالاڪنڊ، شانگلا ۽ بونير ۾ پيٽرول پمپ مالڪن جي هڙتال جاري آهي، جنهن سبب گذريل رات کان سمورا ننڍا توڙي وڏا پيٽرول پمپ بند آهن.
پيٽرول پمپ بند ٿيڻ سبب گاڏين کي ايندھن جي فراهمي معطل آهي، جڏهن ته ٽرانسپورٽر برادري ۽ شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هڙتال سبب روڊن تي پبلڪ ٽرانسپورٽ به بي حال ٿي وئي آهي.
ايسوسيئيشن مطالبو ڪيو آهي ته وفاقي حڪومت پيٽرول جي قيمتن جي روزاني جي بنياد تي مقرري جو فارمولو ختم ڪري، جڏهن ته گذريل 8 سالن کان پيٽرول پمپ مالڪن جي مارجن ۾ واڌ نه ٿيڻ تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
پيٽروليم ايسوسي ايشن خيبرپختونخواهه جي جنرل سيڪريٽري بهزاد الرحمان چيو ته مطالبن جي مڃتا تائين پيٽرول پمپن جي بندش ۽ احتجاج جاري رهندو.
هن حڪومت کان فوري ڳالهين ۽ مسئلن جي حل جو مطالبو ڪندي چيو ته پيٽرول پمپن جي بندش سبب شهرين کي پيٽرول حاصل ڪرڻ ۾ سخت پريشانين ۽ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.


