اسلام آباد:
وفاقي حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ وڏي پئماني تي ٽيڪس رليف ڏيڻ بدران محدود رليف پيڪيج تي غور ڪري رهي آهي ته جيئن انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) پروگرام جون شرطون به برقرار رکي سگهجن.
ذريعن موجب تجويز ڪيل رليف گهڻو ڪري پگهاردار طبقي، صنعتڪارن ۽ برآمد ڪندڙن تائين محدود ٿي سگهي ٿو.
حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيڪس رليف بابت مختلف تجويزون وزيراعظم کي پيش ڪيون ويون آهن، حتمي فيصلو سندس منظوري ۽ آءِ ايم ايف سان مشاورت کانپوءِ ڪيو ويندو.
ناڻي واري وزارت 10 جون کان اڳ تجويز ڪيل قدمن تي آءِ ايم ايف کان راءِ طلب ڪندي. پگهاردار طبقي لاءِ غور هيٺ تجويز ۾ 2 لک کان 3 لک رپيا ماهوار آمدني وارن لاءِ انڪم ٽيڪس جي شرح ۾ گهٽتائي شامل آهي.
تجويز ڪيل پلان موجب اٽڪل 5 لک 50 هزار ٽيڪس ڏيندڙن کي رليف ملي سگهي ٿو، 2 لک 67 هزار رپين تائين ماهوار آمدني تي ٽيڪس جي شرح ۾ 4 سيڪڙو ۽ 3 لک 41 هزار رپين تائين جي آمدني تي 5 سيڪڙو گهٽتائي جي تجويز ڏني وئي آهي.
ذريعن موجب حڪومت وڌيڪ آمدني وارن کي رليف ڏيڻ تي به غور ڪري رهي آهي، وڌ کان وڌ ٽيڪس جي شرح وڌائڻ ۽ نئون ٽيڪس سليب متعارف ڪرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ته جيئن 35 سيڪڙو انڪم ٽيڪس صرف وڏي آمدني وارن تي لاڳو ٿئي.
ٻئي طرف حڪومت موبائيل فونز تي لاڳو ڳري ٽيڪسن ۾ گهٽتائي جي امڪانن جو به جائزو وٺي رهي آهي پر ذريعن جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان رليف جا امڪان محدود آهن.
هن وقت امپورٽ ٿيل موبائيل فونن تي مختلف ٽيڪسن ۽ سيلز ٽيڪسن کي ملائي مجموعي ٽيڪس جو بار 55 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي.
ڪاروباري شعبي لاءِ 15 سيڪڙو ڊيويڊنڊ ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز به غور هيٺ آهي، جنهن سان ڪمپنين کي وڏو رليف ملي سگهي ٿو، پر ان قدم سان قومي خزاني کي لڳ ڀڳ 90 کان 100 ارب رپين جو وڏو نقصان پوڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب حڪومت ريئل اسٽيٽ سيڪٽر کي ڪو به وڏو رليف ڏيڻ جي موڊ ۾ ناهي، جڏهن ته هائبرڊ گاڏين تي سيلز ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز تي به غور ڪيو پيو وڃي.
ان کان علاوه ڪاغذن، اسٽيشنري ۽ سگريٽ جي شين تي ٽيڪس لڳائڻ بابت به ڪيترائي تجويزون غور هيٺ آهن. حڪومت ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ تجويزن تي حتمي فيصلو ڪندي.
محدود ٽيڪس رليف


