عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ سبب مقامي مارڪيٽ ۾ سون جو في تولو اگهه 100 رپيا اضافي سان 4 لک 55 هزار 236 رپين جي سطح تي پهچي ويو آهي.
في 10 گرام سون جو اگهه 85 رپيا اضافي سان 3 لک 89 هزار 685 رپيا جي سطح تي پهچي ويو.
ٻئي طرف چاندي جو في تولو اگهه 6 رپيا گهٽتائي سان 7 هزار 503 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته في 10 گرام چاندي جو اگهه به 05 رپيا گهٽتائي سان 6 هزار 391 رپيا ٿي ويو.


