پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ ٻيهر اضافو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ چوٿين ڏينهن به واڌ ڪري ڇڏي آهي.

ايڪسپريس نيوز موجب اوگرا 24 جولاءِ لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا 40 پيسا جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 62 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.

تازي واڌ کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 331 رپيا 52 پئسا في ليٽر جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 378 رپيا 66 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment