آءِ ايم ايف جو وفد ڳالهيون مڪمل ڪرڻ بعد روانو ٿي ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جو وفد پاڪستان ۾ طئي ٿيل ڳالهيون مڪمل ڪرڻ کانپوءِ روانو ٿي ويو آهي، جڏهن ته بجيٽ بابت ورچوئل ڳالهيون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف جي وفد سان ايندڙ مالي سال جي بجيٽ لاءِ ورچوئل ڳالهيون جاري رهنديون، جيڪي سڀاڻي شروع ٿينديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته قرض جي ايندڙ قسط لاءِ پاڪستان کي ايندڙ ٽن سالن لاءِ ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ جو مطالبو ڪيو ويو آهي ۽ ورچوئل ڳالهين ۾ ايندڙ مالي سال 27-2026 جي بجيٽ جا هدف طئي ڪيا ويندا. بيان موجب آءِ ايم ايف جو وفد طئي ٿيل ڳالهين جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ روانو ٿي ويو آهي، آءِ ايم ايف ٽيڪس نيٽ وڌائڻ ۽ ٽيڪس وصولي کي بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو آهي ۽ اسٽيٽ بئنڪ مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت مانيٽري پاليسي جاري رکندو. اجلاس ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ايندڙ مالي سال دوران جي ڊي پي جي لحاظ کان پرائمري بيلنس جو هدف 2 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي، پاڪستان 2027ع ۾ جي ڊي پي جي بنيادي سرپلس جو هدف 2 سيڪڙو برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ اختيارين سان توانائي جي قيمتن ۾ واڌ جي اثرن جي ويجهي مانيٽرنگ ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڳالهين ۾ توانائي جي شعبي، پبلڪ سيڪٽر ۽ مالياتي سڌارن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، موسمياتي فنڊنگ، پاور سبسڊي ريفارم ۽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ فريم ورڪ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايم ايف جو ايندڙ نظرثاني مشن 2026 جي ٻئي اڌ ۾ متوقع آهي، جڏهن ته ڳالهين ۾ وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ جي پاڪستان جي معيشت تي اثرن تي به غور ڪيو ويو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment