لاهور:
انمول عرف پنڪي جي منشيات ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي وفاقي جاچ اداري ڪارروائي ڪري ٻن مبينا منشيات فروش کي گرفتار ڪري ورتو.
جاچ ذريعن موجب گرفتار ڪيل 2 ڄڻا غير ملڪي آهن جيڪي لاهور ۾ سرگرم هئا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي ڄڻا مبينا طور پنڪي جي منشيات جي نيٽ ورڪ جو حصو هئا ۽ شهر ۾ منشيات جي فراهمي جي سرگرمين ۾ ملوث هئا.
جاچ اختيارين پنڪي جي موبائل نيٽ ورڪ ۽ رابطي جو رڪارڊ حاصل ڪري جاچ جو دائرو وسيع ڪري ڇڏيو آهي.
جاچ ذريعن موجب انمول عرف پنڪي کان جاچ دوران اهم انڪشافن جي روشني ۾ وڌيڪ ڇاپن ۽ گرفتارين جو به امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته مختلف شهرن ۾ موجود ممڪن سهولتڪارن جي ڄاڻ پڻ گڏ ڪئي پئي وڃي.


