حيدرآباد:
ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن ويجهو مال بردار ٽرين جون 5 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، جنهن سبب ڊائون ٽريڪ مڪمل بلاڪ ٿي ويو ۽ ٽرين سروس معطل ٿي وئي.
ريلوي اختيارين موجب حادثو ڪوٽڙي اسٽيشن ويجهو پيش آيو. مال بردار ٽرين يوسف والا کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته اوچتو ان جون 5 ڪوچون پٽڙي تان لهي ويون.
حادثي جي نتيجي ۾ ريلوي ٽريڪ جا ڪيترائي ميٽر پڻ تباهه ٿي ويا.
واقعي کانپوءِ فوري طور تي ريلوي عملي کي طلب ڪيو ويو، جڏهن ته ريسڪيو ڪم شروع ڪرڻ لاءِ ڳري مشينري پڻ موقعي تي پهتي.
ريلوي انتظاميه جو چوڻ آهي ته متاثر ٽريڪ جي مرمت ۽ بحالي ۾ 4 کان 5 ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا.
حادثي سبب ڊائون ٽريڪ تي ٽرينن جي اچ وڃ عارضي طور تي معطل ٿي وئي آهي جڏهن ته مختلف ٽرينون متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.
ريلوي اختيارين موجب صورتحال جو مسلسل جائزو ورتو پيو وڃي ۽ ٽريڪ کي جلد کان جلد بحال ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن.


