اين ايف سي معاهدي جو جائزو ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي فنڊز جي ورڇ، ورلڊ بئنڪ جي سفارش

sindhvoice70@gmail.com
4 Min Read


اسلام آباد:

ورلڊ بينڪ اين ايف سي معاهدي تي نظرثاني ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي فنڊز مختص ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.

ورلڊ بينڪ پاڪستان ۾ مالياتي وفاق کي مضبوط ڪرڻ بابت نئين رپورٽ جاري ڪندي وفاق ۽ صوبن وچ ۾ نيشنل فنانس ڪميشن (اين ايف سي) معاهدي تي نظرثاني جي سفارش ڪئي آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نه رڳو وفاق ۽ صوبن وچ ۾ اين ايف سي معاهدي تي نظرثاني جي ضرورت آهي پر صوبن وچ ۾ وسيلن جي ورهاست جي موجوده ميڪنزم جو به جائزو وٺڻ گهرجي.

ورلڊ بينڪ جي رپورٽ موجب ڪارڪردگي جو بنياد اين ايف سي تحت روينيو جي ورڇ تي هئڻ گهرجي ته جيئن عوامي خدمتن، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ صوبي کي وڌيڪ وسيلا ڏنا وڃن.

ورلڊ بينڪ جو چوڻ آهي ته 7 هين اين ايف سي ايوارڊ کانپوءِ وفاق جي آمدني جو حصو گهٽجي ويو پر ان جي خرچن ۾ ان تناسب سان گهٽتائي ناهي آئي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 7 هين اين ايف سي ايوارڊ ۽ 18هين آئيني ترميم کانپوءِ ڪيتريون ئي وزارتون صوبن ڏانهن منتقل ڪيون ويون پر انهن جو متبادل وفاق وٽ رهيو، جنهن سبب وفاق جو مالياتي خسارو مسلسل وڌي رهيو آهي.

عالمي بئنڪ موجب صوبائي حڪومتون ستين اين ايف سي ايوارڊ ۽ ارڙهين ترميم جا ثمر عوام تائين پهچائڻ ۾ ناڪام ٿي ويون، جڏهن ته اين ايف سي ذريعي وڌيڪ وسيلا حاصل ڪرڻ کانپوءِ صوبن پنهنجا خرچ وڌائي ڇڏيا.

ورلڊ بئنڪ نشاندهي ڪئي ته صوبائي حڪومتون عوامي خدمتن جي ڀيٽ ۾ انتظاميه تي وڌيڪ خرچ ڪري رهيون آهن. رپورٽ موجب صوبائي روينيو جو 80 سيڪڙو انتظامي خرچن تي خرچ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته صرف هڪ سيڪڙو وسيلا ماحولياتي شعبي لاءِ مختص ڪيا پيا وڃن.

ان کان علاوه صوبائي خرچن جو وڏو حصو جاري ۽ انتظامي خرچن ڏانهن وڃي رهيو آهي، جڏهن ته اهم شعبن جهڙوڪ ماحول، عوامي سهولتون، تعليم ۽ صحت کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته زرعي آمدني تي موثر ٽيڪس لاڳو نه ٿيڻ سبب روينيو متاثر ٿيو آهي. 2009ع ۾ صوبائي روينيو معيشت جي 0.3 سيڪڙو جي برابر هو، جيڪو 2026ع ۾ وڌي 0.7 سيڪڙو ٿي ويو، پر صوبائي روينيو ۾ واڌ جي باوجود وفاقي خرچن ۾ مناسب گهٽتائي نه اچي سگهي آهي.

ورلڊ بينڪ سفارش ڪئي آهي ته وفاق، صوبائي ۽ مڪاني ادارن وچ ۾ وسيلن جي بهتر ۽ منصفاڻي ورڇ ضروري آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ارڙهين آئيني ترميم ۽ ستين اين ايف سي ايوارڊ پاڪستان ۾ اهم سڌارا هئا، پر وفاقي مالياتي خساري جو وڏو سبب اعليٰ مالياتي منتقلي ۽ ڪمزور ٽيڪس وصولي آهي.

رپورٽ موجب ڪل سرڪاري خرچن ۾ مقامي حڪومتن جو حصو 10 سيڪڙو کان گهٽجي 5 سيڪڙو کان به گهٽجي ويو آهي، ان ڪري مقامي حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ، انهن کي مستحڪم مالياتي منتقلي فراهم ڪرڻ ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ بهتر مالي سهڪار کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي.

ورلڊ بئنڪ سفارش ڪئي ته نئين اين ايف سي ايوارڊ لاءِ فنڊز مختص ڪيا وڃن وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ۽ بهتر ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment