آمريڪي ڪانگريس جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين برائن ماسٽ سان پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ عالمي ۽ علائقائي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پاڪستان جي سفير پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي چيئرمين برائن ماسٽ سان ملاقات تي خوشي جو اظهار ڪندي ملاقات کي مثبت پيش رفت قرار ڏنو. هن وچ اوڀر ۽ عالمي امن جي فروغ ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار کي تسليم ڪرڻ تي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين جو به شڪريو ادا ڪيو.
ملاقات دوران علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي تفصيلي ۽ تعميري خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي پاڪستان پاران ڳالهين کي فروغ ڏيڻ ۽ تڪرارن جي حل لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم کي ورجايو ويو.
ٻنهي ڌرين پاڪستان-آمريڪا پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي امڪانن ۽ منصوبن تي پڻ غور ڪيو، جيڪو اڀرندڙ عالمي منظرنامي ۾ تاريخي ۽ نتيجي ۾ اهم آهي ۽ ٻه طرفي تعاون کي فروغ ڏئي ٿو.


