راولپنڊي:
پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات ۽ ڪارڪنن جي اڊيالا جيل ۾ امڪاني آمد کي نظر ۾ رکندي پوليس جامع سيڪيورٽي پلان تيار ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ اڊيالا جيل جي سڪيورٽي انتظامن تحت 1300 کان وڌيڪ اهلڪار مختلف هنڌن تي مقرر ڪيا ويندا.
پوليس اختيارين موجب اڊيالا جيل جي اطراف ۽ ايندڙ ويندڙ رستن تي ڪل 12 چيڪ پوسٽون قائم ڪيون وينديون. گورکپور، چڪري انٽرچينج، گارڊن ولاز ڊائيورشن ۽ بحريا فيز 8 تي اسپيشل گيٽس قائم ڪيا ويندا، جڏهن ته ٿالين انٽرچينج، خواجه ڪارپوريشن، گلشن آباد ۽ ڪيپيٽل سمارٽ سٽي جي سامهون چيڪنگ پوائنٽس پڻ قائم ڪيا ويندا.
سڪيورٽي پلان موجب ڪنهن به غير لاڳاپيل شخص يا قافلي کي اڊيالا جيل طرف وڃڻ جي اجازت نه هوندي. پوليس پاران ٽريفڪ جي سخت نگراني ڪئي ويندي ۽ شڪي سرگرمين تي سخت نظر رکي ويندي.
اختيارين موجب سيڪيورٽي انتظامن لاءِ ايليٽ فورس، رائٽ مئنيجمينٽ فورس، واٽر ڪينن ۽ آنسو گئس جا اهلڪار پڻ مقرر ڪيا ويندا ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال کي موثر نموني سان منهن ڏئي سگهجي.


