ناران جي ضلعي انتظاميا بابو سر ٽاپ بابت ٽريول ايڊوائزري جاري ڪندي سياحن، مسافرن ۽ ٽرانسپورٽرن کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.
انتظاميا موجب بابو سر ٽاپ تي مسلسل برفباري سبب مسافرن کي ڏکيائيون پيش اچي سگهن ٿيون، ان ڪري اتي وڃڻ کان اڳ موسمي حالتن کي نظر ۾ رکندي سفر ڪيو وڃي.
ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته مسلسل برفباري سبب بابو سر ٽاپ روڊ جي ڪجهه علائقن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٽريفڪ رواني متاثر ٿي رهي آهي ۽ ڪجهه هنڌن تي روڊ صرف هڪ طرفي ٽريفڪ لاءِ کليل آهي.
ضلعي انتظاميا خبردار ڪيو آهي ته برفباري سبب شام 6 وڳي کان پوءِ بابو سر ٽاپ وٽ روڊ جو سفر ناممڪن ٿي ويندو. سلپ ٿيڻ، گاڏين جي بريڪ جو مسئلو، اوچتو گليشيئرز ۽ پٿر جا گرڻ، لينڊ سلائيڊنگ کان علاوه انساني جان ۽ مال لاءِ خطرو آهن.
آفيسرن سياحن، ٽرانسپورٽرن ۽ عوام کي هدايت ڪئي آهي ته هو غير ضروري سفر کان پاسو ڪن جيستائين ضلعي انتظاميه بابو سر روٽ تي محفوظ سفر بابت هدايتون جاري نه ڪري ۽ ضلعي انتظاميا ۽ پوليس جي هدايتن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کان بچي سگهجي.


