اسحاق ڊار فلسطين کي تسليم ڪرڻ تائين ابراهيمي معاهدي تي ڪابه لچڪ نه ڏيکاريندو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار واضح ڪيو آهي ته ابراهيمي معاهدي بابت افواهون آهن پر پاڪستان فلسطين جي معاملي تي پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهي ۽ فلسطين کي تسليم ٿيڻ تائين ابراهيمي معاهدي تي ڪنهن به قسم جي لچڪ نه ڏيکاريندو. واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جو موقف واضح آهي ته جيستائين فلسطيني رياست کي 1967ع کان اڳ واري سرحدن موجب تسليم نه ڪيو ويندو ۽ القدس شريف کي راڄڌاني قرار ڏنو ويندو، پاڪستان پنهنجي موقف ۾ ڪابه لچڪ نه ڏيکاريندو. هن چيو ته پاڪستان امن جو معمار آهي ۽ عالمي سطح تي ايران آمريڪا ڳالهين ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان تقريبن 47 سالن کانپوءِ آمريڪا ۽ ايران کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۽ ابتدائي رابطن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي قيادت ۾ پاڪستان کي عالمي سطح تي نئين سڃاڻپ ملي آهي، پاڪستان کي اڪيلو ڪرڻ جون ڀارت جون ڪوششون ناڪام ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي جنهن ۾ پاڪستاني سفير ۽ پرڏيهي آفيس جا ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. فلسطين ۽ ڪشمير بابت ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حق خوداراديت ملڻ گهرجي ۽ پاڪستان ٻنهي معاملن تي پنهنجي موقف تي قائم آهي. ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تازو هڪ بيان ۾ چيو هو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ معاهدي کانپوءِ سعودي عرب، قطر ۽ پاڪستان سميت مسلمان ملڪن کي ابراهيمي معاهدي جو حصو بڻجڻ گهرجي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment