عدالتن ۾ AI جي استعمال لاءِ قومي هدايتون جاري

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


قومي عدالتي پاليسي سازي ڪميٽي عدالتن ۾ AI جي استعمال لاءِ قومي هدايتون جاري ڪيون.

سپريم ڪورٽ جي پڌرائي موجب اي آءِ جي عدالتن ۾ ججن جي مدد ڪندي پر فيصلا انسان ئي ڪندا، اي آءِ جي عدالتي فيصلن جو متبادل ناهي، ججن جو حتمي اختيار هوندو.

پڌرنامي موجب قومي هدايتن ۾ شفافيت، احتساب ۽ تعصب جي روڪٿام تي زور ڏنو ويو آهي، جڏهن ته عدالتي نظام ۾ اي آءِ جي استعمال لاءِ پرائيويسي ۽ ڊيٽا سيڪيورٽي کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي، اي آءِ ڪيس جي انتظام، قانوني تحقيق ۽ دستاويزن جي پروسيسنگ ۾ مدد ڪندو.

اعلان ۾ چيو ويو آهي ته ججن ۽ عدالتي عملي جي اي آءِ ٽريننگ لاءِ خاص پروگرام شروع ڪيا ويندا، هدايتون سمورن هاءِ ڪورٽن جي مشاورت سان تيار ڪيون ويون آهن.

سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته هاءِ ڪورٽون پنهنجي ضرورتن موجب اي آءِ جي لاڳو ڪرڻ جو طريقيڪار طئي ڪنديون، عدالتن ۾ اي آءِ جي استعمال تي پابندي هوندي. اهو پاڪستان جي عدالتي سڌارن جي سفر ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment