لاهور:
گوجرانوالا جي عوام لاءِ خوشخبري آهي ته وڏي وزير مريم نواز سندن لاءِ هڪ وڏي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ۾ گوجرانوالا ماس ٽرانزٽ سسٽم جي ڊيزائن جي منظوري ڏني وئي. هن هدايت ڪئي ته گوجرانوالا جي هر علائقي کي فيڊر بسن ذريعي ميٽرو ٽرين سسٽم سان ڳنڍيو وڃي ته جيئن شهرين کي بهتر سفري سهولتون فراهم ڪري سگهجن.
اجلاس ۾ ٽريفڪ جي وهڪري کي بهتر بڻائڻ لاءِ ماس ٽرانزٽ سسٽم ۾ ٻه سرنگهه سيڪشن ٺاهڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته 17 کان 19 ڪلوميٽر ٽريڪ کي انڊر گرائونڊ پاس ڪرڻ جي به اصولي منظوري ڏني وئي.
ان کان علاوه توانائي جي متبادل ذريعن کي فروغ ڏيڻ لاءِ هر اسٽيشن ۽ ڊپو تي سولر سسٽم لڳائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.
ان موقعي تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گوجرانوالا ۾ 26 لک مسافرن جي سفري گنجائش لاءِ ماس ٽرانزٽ سسٽم قائم ڪيو ويندو. گکھر کان ايمن آباد تائين 31.5 ڪلوميٽر ڊگھي منصوبي کي 12 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو وقت مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪل 24 اسٽيشنون تعمير ڪيون وينديون جن ۾ 2 اسٽيشنون انڊر گرائونڊ هونديون.
پروجيڪٽ تحت گرجڪ، چانڊا قلعي ۽ گوندلالا وارن علائقن ۾ ڊپو قائم ڪيا ويندا، جڏهن ته ماس ٽرانزٽ سسٽم جي ٻنهي پاسن تي 62 ڪلوميٽر ڊگها ڊرين پڻ ٺاهيا ويندا. ان سان گڏ سسٽم جي نگراني ۽ آپريشن کي يقيني بڻائڻ لاءِ جديد ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر پڻ قائم ڪيو ويندو.
وڏي وزير مريم نواز شريف چيو آهي ته گوجرانوالا ماس ٽرانزٽ سسٽم جي مڪمل ٿيڻ سان شهر جو ٽرانسپورٽ ڪلچر تبديل ٿيندو ۽ شهرين کي جديد ۽ شاندار سفري نظام فراهم ٿيندو. هن چيو ته هي منصوبو گوجرانوالا جي عوام لاءِ هڪ اهم تحفو ثابت ٿيندو.


