گوجرانوالا جي سول اسپتال مان فرار ٿي ويل جوابدار پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو.
پوليس موجب صدر ڪمونڪي پوليس چاجوڪي پل وٽ ناڪابندي ڪئي ته ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4 شڪي ماڻهو اتي پهتا. جڏهن پوليس کين روڪڻ جو اشارو ڪيو ته جوابدارن اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني.
پوليس جو چوڻ آهي ته اهلڪارن محفوظ مقام تي پهچي پنهنجي جان بچائي ۽ جوابدارن جو تعاقب ڪيو. جوابدار فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته جوابي فائرنگ پڻ ڪئي وئي.
پوليس موجب ڏوهن واري هنڌ جي تلاشي دوران شيخ امير نالي هڪ شخص زخمي حالت ۾ مليو، جنهن جو چوڻ آهي ته گرفتاري دوران سول اسپتال مان فرار ٿي ويو هو. زخمي جوابدار کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.
پوليس واقعي جي شڪايت تي اڻڄاتل جوابدارن خلاف قتل، قتل جي ڪوشش، پوليس تي حملي ۽ ٻين لاڳاپيل قلمن تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته فرار جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.


