پاڪستان جي مشهور خيراتي تنظيم الخدمت فائونڊيشن ملڪ ۾ مون سون سسٽم تحت پيش ايندڙ حادثن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي رضاڪارن کي عوامي خدمت لاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.
تفصيل موجب الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ڊپارٽمينٽ جو هنگامي اجلاس ڊاڪٽر حفيظ الرحمان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ برساتن ۽ امڪاني ٻوڏ جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو.
اجلاس ۾ چيئرمين ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اعجاز الله خان، سينٽرل پنجاب جي صدر اڪرام الحق سبحاني سميت مرڪزي، علائقائي ۽ ضلعي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سڄي ملڪ ۾ برساتن جي صورتحال، امڪاني خطرن ۽ امدادي تيارين بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو.
اجلاس دوران ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي چيئرمين اعجاز الله خان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته مسلسل برساتن ۽ امڪاني ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ ۾ 46 ايمرجنسي رسپانس سينٽر قائم ڪيا ويا آهن ۽ هر ممڪن هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.
هن چيو ته رضاڪارن ۽ ريسڪيو ٽيمن جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ لاءِ تربيتي پروگرام جاري آهن. هن سال پهرين جنوري کان وٺي 1,852 ماڻهن کي ايمرجنسي رسپانس ۽ حادثن کي سنڀالڻ جي تربيت ڏني وئي آهي، جڏهن ته 1 مئي 2023 کان هن پروگرام تحت ڪل 6720 ماڻهن تربيت حاصل ڪئي آهي.
اجلاس کي خطاب ڪندي الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر حفيظ الرحمان چيو ته الحمدلله موجوده صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي پر الخدمت جون سموريون ٽيمون ۽ رضاڪار ڪنهن به امڪاني ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار آهن.
هن چيو ته الخدمت جون ريسڪيو ۽ رليف ٽيمون ضلعي انتظاميا، نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي)، پراونشل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز (پي ڊي ايم اي) ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن سان موثر رابطا ڪري رهيون آهن، جڏهن ته عوام کي احتياطي تدبيرن بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ آگاهي مهم پڻ جاري آهي.
ڊاڪٽر حفيظ الرحمان هدايت ڪئي ته هيٺاهين ۽ جابلو علائقن ۾ امڪاني ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي سموريون ٽيمون مڪمل الرٽ رهن ۽ ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ متاثر ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.
هن چيو ته بچاءُ وارو سامان، ٻيڙيون، خيما، ترپال، مڇر داني ۽ ٻيو ضروري امدادي سامان سڄي ملڪ ۾ قائم ريسڪيو سينٽرن تائين پهچايو ويو آهي، جڏهن ته رضاڪار 24 ڪلاڪ صورتحال جي نگراني ڪري رهيا آهن ته جيئن ڪنهن به اوچتي آفت جي صورت ۾ فوري امدادي ڪارروائين کي يقيني بڻائي سگهجي.
هن چيو ته الخدمت جا رضاڪار ۽ فيلڊ ورڪر اسان جا حقيقي هيرو آهن، جيڪي پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪن ٿا. هي قربانيءَ جو جذبو ئي حقيقي طاقت ۽ قيمتي اثاثو آهي.


