سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ وڌيڪ 4 دهشتگرد مارجي ويا، آپريشن شعبان ۾ مارجي ويلن جو انگ 83 ٿي ويو.
بلوچستان ۾ پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جو گڏيل آپريشن شعبان جاري آهي. سڪيورٽي ذريعن موجب علائقي ۾ فتنا خوارج خلاف موثر ڪارروايون جاري آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز فضائي ۽ زميني آپريشن ذريعي خارجي دهشتگردن کي نشانو بڻائي رهي آهي.
سڪيورٽي ذريعن موجب فورسز جي موثر ڪاررواين جي نتيجي ۾ خارجي دهشتگردن کي وڏي جاني نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته تازي ڪارروائي دوران وڌيڪ 4 دهشتگردن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ آپريشن شعبان ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو انگ 83 ٿي ويو آهي.
سڪيورٽي ذريعن موجب 5 جولاءِ کان هن وقت تائين آپريشن شعبان ۽ ٻين انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز دوران 121 خارجي دهشتگرد مارجي ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشن شعبان بلوچستان ۾ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رکيو ويندو.



