ڪراچي:
جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ ڊاڪٽر آڪاش قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار کي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
ڊاڪٽر آڪاش قتل ڪيس ۾ پوليس 3 جوابدارن کي جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو. جوابدارن ۾ سريش عرف ساگر، رام چند ۽ انيل شامل آهن.
جاچ آفيسر چيو ته جوابدارن کان جاچ ڪرڻي آهي، مفرور جوابدارن کي گرفتار ڪرڻو آهي، ان ڪري رمانڊ جي درخواست ڪئي پئي وڃي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته جوابدارن کي چيمبر ۾ آندو وڃي ته جيئن پيشي ٿي سگهي.
بعد ۾ عدالت جوابدار کي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان پيش رفت رپورٽ طلب ڪري ورتي.
ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر حسن ڀٽي جوابدارن جي سڃاڻپ لاءِ درخواست جمع ڪرائي.


