ازبڪ پرڏيهي وزير جو اسحاق ڊار سان ٽيليفونڪ رابطو، پاڪستان جي امن ڪوششن جي واکاڻ

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اسلام آباد:

نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سعيدوف سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.

پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ گڏيل دلچسپي جي ٻه طرفي ۽ گهڻ طرفي معاملن ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

پرڏيهي وزير بختيار سيدوف علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي تعميري ۽ ثالثي ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن مستقبل ۾ ويجهن رابطن کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment