گلگت بلتستان چونڊون؛ حڪومت جمهوري عمل لاءِ هر ممڪن قدم جاري رکندي: وزيراعظم

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



وزيراعظم شهباز شريف گلگت بلتستان ۾ چونڊن دوران سيڪيورٽي انتظامن کي يقيني بڻائڻ تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ سندس ٽيم کي ساراهيو آهي ۽ چيو آهي ته حڪومت جمهوري عمل جي لاءِ هر ممڪن قدم جاري رکندي. لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير محسن رضا نقوي ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي امن امان ۽ سڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي گهرو وزير وزيراعظم کي عيد الاضحيٰ جي موقعي تي شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ عوامي هنڌن جي سيڪيورٽي لاءِ ڪيل خصوصي انتظامن کان آگاهه ڪيو. محسن نقوي وزيراعظم کي گلگت بلتستان ۾ ايندڙ چونڊن جي پرامن، شفاف ۽ منظم انعقاد کي يقيني بڻائڻ لاءِ سيڪيورٽي ادارن پاران ڪيل انتظامن ۽ تيارين بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني. هن چيو ته امن امان کي برقرار رکڻ ۽ چونڊ عمل دوران ووٽرن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ جامع سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ امن امان جي قيام ۽ عوام جي تحفظ تي گهرو وزارت، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم گلگت بلتستان ۾ چونڊن جي حوالي سان موثر سيڪيورٽي انتظامن کي يقيني بڻائڻ تي گهرو وزير ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي به ساراهيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت جمهوري عمل جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي رهندي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment