اسلام آباد:
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بشرا بي بي سان ملاقات ۽ ذاتي معالج تائين رسائي بابت درخواست تي اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
ايڪسپريس نيوز موجب بشريٰ بي بي جي ڌيءَ مبشره جي درخواست تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪيا ويا، جنهن کانپوءِ عدالت درخواست کي نمبر ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي سومر تي ملتوي ڪري ڇڏي.
ٻڌڻي دوران وڪيل سلمان اڪرم راجا، علي بخاري، نعيم پنجوٿا ۽ خالد يوسف عدالت ۾ پيش ٿيا. ان موقعي تي جسٽس ارباب محمد طاهر رمارڪس ڏيندي چيو ته اهڙين ڪيسن ۾ پهريان لاڳاپيل اٿارٽي حوالي ڪرڻ ضروري آهي، جيل اختيارين حوالي نه ڪيو ويو ته اڄ يا سڀاڻي ڪيو وڃي.
جسٽس ارباب محمد طاهر چيو ته سومر تي نمبر اچڻ بعد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ويندي. هن سلمان اڪرم راجا کان سوال ڪيو ته ڇا ملاقات اڳ نه ٿي رهي هئي، جنهن تي وڪيل چيو ته بشرا بي بي سان ملاقات ڪڏهن ڪرائي ويندي آهي ۽ ڪڏهن روڪي ويندي آهي. هاڻي خانداني ملاقات به بند ٿي وئي آهي.
ايڊووڪيٽ سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته درخواستگذار بشرا بي بي جي ڌيءَ آهي، سندن ملاقات نه روڪي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته بشرا بي بي جي صحت ٺيڪ ناهي ۽ سندس سرجري به ٿي آهي، ان ڪري ڪيس جي هنگامي نوعيت کي نظر ۾ رکندي فوري ٻڌڻي جي درخواست ڪئي وئي.
عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته اڄ آخري ڪم ڪندڙ ڏينهن آهي، اعتراض ختم ڪيا ويا آهن. ڪيس جي ٻڌڻي سومر جي پهرين ڪارروائي واري ڏينهن ٿيندي، جنهن بعد ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪئي وئي.


