گلشن اقبال بلاڪ 4 اي قائداعظم ڪالوني ڀرسان آريانا هوٽل ماشاءَ الله 4 ڌاڙيلن کير جو دڪان ڦري ويا. تفصيل موجب جوابدار دڪان مان 6 لک 47 هزار رپيا روڪ رقم ۽ 2 موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج منظر عام تي اچي وئي، جنهن ۾ ڏٺو ويو ته 3 جوابدار دڪان ۾ داخل ٿيا ۽ ڦرلٽ ڪندا رهيا، جڏهن ته هڪ جوابدار دڪان ٻاهران بيٺو رهيو. ٽيئي جوابدار هٿياربند هئا جن پنهنجا منهن هيلمٽ ۽ رومال سان لڪايا هئا. مقتول جي فرياد تي ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته نامعلوم جوابدارن خلاف چوري جو ڪيس داخل ڪري سندن گرفتاري لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن.
Source link

ڪراچي؛ ڌاڙيلن کير جي دڪان مان 6 لکن کان وڌيڪ رقم ڦر، وڊيو سامهون اچي وئي
Leave a Comment Leave a Comment

