ڪراچي:
حج آپريشن 2026 جو باضابطا آغاز اڄ کان ٿي رهيو آهي، جنهن تحت ملڪ جي ٻين انٽرنيشنل ايئرپورٽن وانگر پهرين حج اڏام اڄ منجهند 3 وڳي ڪراچي ايئرپورٽ تان رواني ٿيندي.
مذهبي معاملن واري وزارت ۽ ايئرپورٽ انتظاميه طرفان جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي عازمين حج لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا آهن. مذهبي معاملن واري وزارت جي اختيارين موجب هلندڙ سال ڪراچي ايئرپورٽ تان 31 هزار کان وڌيڪ زائرين روانا ٿيندا. سنڌ جو گورنر نهال هاشمي ڪراچي کان آيل زائرين کي رخصت ڪندو.
ايئرپورٽ عملدارن جو چوڻ آهي ته زائرين کي اميگريشن ۽ ٻيا عمل مڪمل ڪرڻ لاءِ رات 8 وڳي کان ايئرپورٽ پهچڻو آهي. روڊ ٽو مڪي منصوبي تحت سعودي اختيارين ڪراچي ايئرپورٽ تي حاجين جي هڪ ئي وقت جي اميگريشن ڪندا.
ايف آءِ اي موجب اميگريشن عازمين حج لاءِ خاص قدم مڪمل ڪري ورتا آهن. ڊپٽي ڊائريڪٽر اميگريشن شهزاد اڪبر جو چوڻ آهي ته زائرين جي سهولت لاءِ عملي کي خاص هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته جيئن سمورا مرحلا آساني سان مڪمل ٿي سگهن.
ٻئي طرف سعودي عرب جا اميگريشن ۽ حج اختيارين به روڊ ٽو مڪي منصوبي تحت لاهور پهچي ويا آهن، جتي انتظامن جو جائزو ورتو. ايئرپورٽ ذريعن موجب ڪراچي ۽ اسلام آباد کان پوءِ لاهور کان زائرين جي اميگريشن مقامي سطح تي ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ زائرين سعودي عرب پهچڻ کانپوءِ سڌو ٽرمينل کان ٻاهر نڪري سگهندا.
لاهور جي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي زائرين لاءِ الڳ هال قائم ڪيو ويو آهي، جتي سمورا زائرين اميگريشن مڪمل ڪرڻ بعد سڌو جهاز ۾ سوار ٿيندا. اهڙي طرح سعودي عرب جي اميگريشن ٽيمن ڪراچي ۽ اسلام آباد ايئرپورٽس تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. لاهور کان عازمين جي پهرين اڏام سڀاڻي صبح 10.30 وڳي رواني ٿيندي.


