هراساني ڪيس ۾ سزا خلاف اپيل جوابدارن کي مهانگي پئجي وئي، وفاقي محتسب سخت فيصلو ڏئي ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


وفاقي محتسب اينٽي هراسمينٽ ڪم واري جاءِ تي عورتن کي هراسان ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار جي سزا کي جبري رٽائرمينٽ مان بدلائي برطرفي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.

وفاقي محتسب اينٽي هراسمينٽ فوزيه وقار راولپنڊي ۾ سرڪاري ملازم جي ڊپارٽمينٽل ايڪشن خلاف اپيل رد ڪندي سزا کي جبري رٽائرمينٽ مان تبديل ڪري فوري طور برطرف ڪري ڇڏيو.

فوسپا موجب هڪ سرڪاري کاتي جي 16 عورت ملازمن بار بار حراسان ڪرڻ جون شڪايتون داخل ڪرايون، ڊپارٽمينٽل انڪوائري انهن الزامن کي درست قرار ڏيندي ملوث آفيسر کي لازمي رٽائر ڪرڻ جي سفارش ڪئي، جنهن تي بااختيار اختيارين ڪارروائي ڪئي.

فاسپا موجب، اپيل جي ٻڌڻي دوران فوسپا سڄي رڪارڊ جي جاچ ڪئي ۽ انڪوائري جي نتيجن کي برقرار رکيو، اپيل ڪندڙ کي دفاع جو پورو موقعو ڏنو. اپيل ڪندڙ عورت پارٽنر سان غير ارادي جسماني رابطي جو به اعتراف ڪيو.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته هراسان ڪرڻ جو اندازو جوابدار جي ارادي جي بجاءِ متاثر تي پوندڙ اثر جي بنياد تي ڪيو ويندو آهي، فيصلي ۾ چيو ويو ته بار بار واقعن کانپوءِ جبري رٽائرمينٽ جي سزا ڪافي نه هئي ان ڪري سزا ۾ واڌ ڪئي وئي برطرفي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment