گڏيل عرب امارات جي بچاءَ واري وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪ تي مسلسل ٻئي ڏينهن به ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا ويا آهن، جنهن جو الزام ايران تي لڳايو پيو وڃي. بهرحال، ايران انهن الزامن کي مڪمل طور تي رد ڪندي چيو آهي ته هن تازو ڏينهن ۾ متحده عرب امارات جي خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي.
ايراني انقلابي گارڊز موجب جيڪڏهن ايران طرفان ڪو حملو ٿئي ها ته ان جو واضح اعلان ڪيو وڃي ها، تنهن ڪري متحده عرب امارات جي بچاءَ واري وزارت جا دعوا بي بنياد آهن.
ٻئي طرف اماراتي اختيارين جو چوڻ آهي ته اڱاري تي ٿيل حملي کان هڪ ڏينهن اڳ به حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، جڏهن ته فجيره ۾ آئل تنصيب ۾ ڊرون حملي سبب باهه لڳي وئي هئي. تازي حملي ۾ نقصان جا مڪمل تفصيل فوري طور تي دستياب نه هئا.
ڇڪتاڻ هڪ اهڙي وقت ۾ وڌي رهي آهي جڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ بندي ڪمزور ٿيندي نظر اچي رهي آهي. آمريڪا تازو ئي ”پروجيڪٽ فريڊم“ تحت آبنائے هرمز ۾ ڦاٿل واپاري جهازن کي ڪڍڻ لاءِ آپريشن شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ماهرن موجب آبنائي هرمز عالمي توانائي جي منتقلي لاءِ سڀ کان اهم لنگهه آهي، جنهن مان دنيا جو تيل ۽ گئس جو پنجون حصو گذري ٿو. ايران پاران جهازن کي نشانو بڻائڻ يا ڌمڪائڻ رستي تي تجارتي سرگرمين کي سخت متاثر ڪيو آهي، عالمي توانائي بحران جو سبب بڻيل آهي.
ان صورتحال جي جواب ۾ آمريڪا 13 اپريل کان ايراني بندرگاهن ۽ شپنگ تي بحري بندش لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جنهن سان ايران جي تيل جي برآمد ۽ درآمد متاثر ٿي رهي آهي.
جنگبندي جي باوجود گذريل ڪجهه هفتن ۾ خطي ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي ۽ ماهر هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي تڪرار جو خدشو ظاهر ڪري رهيا آهن.


