گڏيل عرب امارتن ۾ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي تعليمي ادارا عارضي طور بند ۽ آن لائين ڪلاسز جو اعلان ڪيو ويو آهي.
رپورٽن مطابق يو اي اي جي تعليم واري وزارت 5 مئي کان 8 مئي 2026 تائين سڄي ملڪ ۾ نرسري، سرڪاري ۽ خانگي اسڪول بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان دوران سموريون تعليمي سرگرميون آن لائن پليٽ فارم ذريعي جاري رکيون وينديون.
آفيسرن جو چوڻ آهي ته اهو فيصلو تازو علائقائي ڇڪتاڻ ۽ سيڪيورٽي خدشن سبب ڪيو ويو، جڏهن ملڪ جي ايمرجنسي الرٽ سسٽم کي ڪيترائي ڀيرا چالو ڪيو ويو. شاگردن، استادن ۽ انتظامي عملي کي گهر کان آن لائين ڪلاسز ۾ شرڪت جي هدايت ڪئي وئي آهي.
تعليم واري وزارت ۽ اسڪول انتظاميا موجب تدريسي عمل معمول موجب جاري رهندو، جڏهن ته طريقيڪار کي عارضي طور تي ڊجيٽل پليٽ فارم تي منتقل ڪيو ويو آهي. ادارا والدين ۽ شاگردن سان مسلسل رابطي ۾ آهن ته انهن کي ڪنهن به تبديلي جي فوري طور تي آگاهي ڏني وڃي.
تعليمي عملدارن چيو ته اسڪولن کي اڳ ۾ ئي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو هنگامي حالتن لاءِ تيار رهن، ساڳئي پاليسي تحت آن لائن تعليم کي فوري طور تي چالو ڪيو ويو.
اختيارين موجب 8 مئي تي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو، جنهن کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو ته آن لائين ڪلاس جاري رکڻ يا تعليمي ادارا کولڻ.


