اينڪر مريد عباس سميت 2 ڄڻن جي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو، عاطف زمان کي 2 ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي وئي.

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ 7 سالن کانپوءِ اينڪر مريد عباس سميت ٻن ڄڻن جي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

عدالت ٻن ڄڻن جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار عاطف زمان کي 2 ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي.

عدالت مقتول جي وارثن کي 10 لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. فيصلي وقت مرڪزي ملزم عاطف زمان جيل مان وڊيو لنڪ تي موجود هو. اسپيشل پراسيڪيوٽر شڪيل عباسي ڪيس ۾ حڪومت جي پيروي ڪئي.

پراسيڪيوشن ٻڌايو ته اينڪر مريد عباس سميت ٻن ڄڻن کي 9 جولاءِ 2019 تي قتل ڪيو ويو، جوابدار عاطف زمان ۽ عادل زمان خلاف درخشان ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو.

استغاثه موجب جوابدار عاطف زمان ۽ سندس ڀاءُ عادل زمان اينڪر مريد عباس ۽ خضر حيات کي ڪاروباري معاملي تي قتل ڪيو هو.

سپريم ڪورٽ مان ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ بعد جوابدار عادل زمان فرار ٿي ويو، ٽرائل ڪورٽ عادل زمان کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment