ڪوئيٽا:
ڪوئيٽا سان تعلق رکندڙ 22 ورهين جي نوجوان ۾ ڪانگو وائرس جي تصديق ٿي آهي، جيڪو هلندڙ سال رپورٽ ٿيڻ جو ٻيو ڪيس آهي.
ذريعن موجب 22 ورهين جي رحمت الله کي بخار ۽ نڪ مان رت وهڻ جي شڪايت تي جناح اسپتال ڪراچي آندو ويو، جتي معائني دوران مريض جي رت ۾ پليٽليٽس ۽ هيموگلوبن جي سطح تمام گهٽ هئي، جڏهن ته جگر جي انزائمز ۾ سخت اضافو ڏسڻ ۾ آيو. بعد ۾ ڪانگو وائرس جي تصديق ٿيڻ بعد مريض کي وڌيڪ علاج لاءِ نيپا اسپتال منتقل ڪيو ويو.
اختيارين جو چوڻ آهي ته مريض جي ٻين ٽيسٽن سان گڏ ڪانگو جي پي سي آر ٽيسٽ به ڪئي وئي جنهن کانپوءِ مرض جي تصديق ٿي.
ماهرن موجب ڪانگو وائرس هڪ خطرناڪ وائرل مرض آهي جنهن کي ڪانگو هيمرجڪ فيور چيو ويندو آهي. هي وائرس عام طور تي ڍورن ۾ ملندڙ مڇر جي چڪ ذريعي انسانن ۾ پکڙجي ٿو، پر متاثر جانور جي رت يا ٽشوز سان سڌو رابطو به ان جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪي ماڻهو متاثر مريض جي رت ۽ جسماني رطوبت جي ويجهو اچن ٿا انهن کي به انفيڪشن جو خطرو آهي. هن بيماريءَ جي علامتن ۾ تيز بخار، سخت ڪمزوري، سر درد، نڪ ۽ مسواڙين مان رت وهڻ ۽ جسم تي خارش شامل آهن.
هن چيو ته مڇرن کان بچاءُ تمام ضروري آهي، متاثر جانورن کان احتياط ڪيو وڃي ۽ ڪانگو وائرس کان بچاءُ لاءِ طبي عملو حفاظتي اپاءَ وٺي، جڏهن ته جانورن کي سنڀالڻ وقت دستانو جو استعمال لازمي قرار ڏنو ويو آهي.


