پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ واپار تي اهم اڳڀرائي، فيصلو ڪندڙ ڳالهين جو امڪان آهي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ واپار جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطحي واپاري وفدن جي پاڪستان اچڻ ۽ فيصلائتي ڳالهه ٻولهه جو امڪان آهي. ايڪسپريس نيوز موجب ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران جو اعليٰ سطحي واپاري وفد آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ پاڪستان پهچڻ جو امڪان آهي ۽ ان موقعي تي پاڪ ايران واپار بابت اسلام آباد ۾ اهم ۽ فيصلائتي ڳالهيون متوقع آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته سرينا اسلام آباد ۾ ٽي ڏينهن واري اهم واپاري اجلاس ۽ اهم فيصلن جو امڪان آهي. ٻنهي ملڪن جا اعليٰ عملدار ٻه طرفي واپار جي حوالي سان آمهون سامهون ملاقات ڪندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪسٽم، سرحدي واپار ۽ واپاري رڪاوٽن بابت اهم صلاح مشورا ٿيندا، ڪيتريون ئي اهم تجويزون ميز تي اچڻ جو امڪان آهي، پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اهم دوري سان پاڪ ايران واپاري لاڳاپن ۾ وڏي اڳڀرائي جو امڪان آهي. ناڻي واري وفاقي وزارت موجب ايران جي ٽرانسپورٽ واري نائب وزير مهران غورباني ۽ اقتصادي معاملن واري مملڪتي وزير مهدي دوستي بلال اظهر ڪياني سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ ايران اقتصادي تعاون، واپار ۽ رابطن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزارت موجب ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ايراني وفد جي آجيان ڪئي ۽ ملاقات ۾ سيڪريٽري ڪامرس، ايف بي آر، ايس آءِ ايف سي، اسٽيٽ بئنڪ، پيٽروليم، مواصلات ۽ ريلوي جا سيڪريٽري پڻ موجود هئا.



Source link

Share This Article
Leave a Comment