سون سستو ٿي ويو؛ عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ قيمت ۾ وڏي گهٽتائي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ اڄ سون جي قيمتن ۾ اوچتو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.

آمريڪا-ايران ڇڪتاڻ سبب عالمي سطح تي قيمتي ڌاتن ۽ ٻين شعبن جي مارڪيٽن ۾ غير يقيني واري ماحول، وچ اوڀر ۾ غير واضح جنگبندي، عالمي ۽ مقامي ڪرنسي مارڪيٽن ۾ سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ به لاٿ اچڻ کانپوءِ لاٿ اچي رهي آهي.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ اوچتو 89 ڊالر في اونس جي گهٽتائي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ نئين عالمي قيمت 4,627 ڊالر ٿي وئي.

ٻئي طرف مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ اڄ سون جو في تولو اگهه 8 هزار 900 رپيا گهٽتائي سان 4 لک 85 هزار 62 رپيا ۽ في 10 گرام سون جو اگهه 7 هزار 630 رپيا گهٽتائي سان 4 لک 15 هزار 862 رپيا ٿي ويو آهي.

اهڙي طرح عالمي مارڪيٽ ۾ چاندي جو في اونس اگهه 2 ڊالر 38 سينٽ جي گهٽتائي سان 73 ڊالر 27 سينٽس، چاندي جو في تولو اگهه 238 رپين جي گهٽتائي سان 7 هزار 811 رپيا ۽ في 10 گرام چاندي جو اگهه 204 رپيا گهٽ ٿي 6 هزار 696 رپيا ٿي ويو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment