سون جي اگهه ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن به گهٽتائي، في تولو ڪيترو ٿي ويو؟

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي اگهن ۾ مسلسل گهٽتائي سبب عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ به مسلسل گهٽتائي ٿي رهي آهي. عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جي في اونس قيمت 25 ڊالرن جي گهٽتائي سان 4 هزار 125 ڊالر جي سطح تي پهچي وئي. گهٽتائي سبب سون جو في تولو اگهه 2500 رپيا گهٽتائي سان 4 لک 34 هزار 936 رپيا ۽ سون جو في 10 گرام اگهه 2 هزار 143 رپيا گهٽتائي سان 3 لک 72 هزار 887 رپيا ٿي ويو. اهڙي طرح عالمي مارڪيٽ ۾ چاندي جو في اونس اگهه 1 ڊالر 20 سينٽ جي گهٽتائي سان 60 ڊالر 80 سينٽ ۾ اچي ويو. گھٽتائي سبب مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ به چاندي جو في تولو اگهه 120 رپين جي گهٽتائي سان 6 هزار 559 رپيا ۽ في 10 گرام چاندي جو اگهه 5 هزار 623 رپيا گهٽجي ويو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment