حڪومت ٽيڪس روينيو وڌائڻ لاءِ آءِ ايم ايف جي شرطن تي عملدرآمد تيز ڪري ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


وفاقي حڪومت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي وفد جي روانگي کانپوءِ ٽيڪس چوري کي روڪڻ ۽ ٽيڪس روينيو وڌائڻ بابت شرطن تي عملدرآمد تيز ڪري ڇڏيو آهي.

فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيڪيج ٿيل کير، لوهه ۽ اسٽيل، تيل ۽ گهي پيدا ڪندڙ رجسٽرڊ صنعتن جي پيداوار جي اليڪٽرانڪ نگراني ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ اهو قدم سيلز ٽيڪس ايڪٽ 1990ع جي سيڪشن 50 ۽ سيڪشن 40 سي تحت اختيار استعمال ڪندي کنيو ويو آهي.

ايف بي آر ٻڌايو ته سيلز ٽيڪس رولز 2006 جي باب XIV-BA جي قاعدي 150ZQR تحت فوري طور تي اليڪٽرانڪ سسٽم ذريعي ڄاڻايل صنعتن جي پيداوار جي نگراني ڪئي ويندي.

آفيسرن چيو ته ان اقدام جو مقصد ٽيڪس نظام ۾ شفافيت آڻڻ، پيداوار ۽ وڪرو جا درست انگ اکر حاصل ڪرڻ ۽ ٽيڪس چوري کي روڪڻ کي يقيني بڻائڻ آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته اهو نوٽيفڪيشن فوري طور تي لاڳو ٿيندو ۽ ايف بي آر موجب لاڳاپيل صنعتن ۾ ڊجيٽل نگراني جو عمل وڌيڪ اثرائتو ٿيندو ۽ قومي آمدني ۾ به واڌ جو امڪان آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment