وزيراعظم شهباز شريف ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني، حڪومتي قدمن تي عملدرآمد تيز ڪرڻ ۽ ايڪٽ 2025ع تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ لاءِ عالمي ادارن کان ٽئين پارٽي جي تصديق کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڪاروبار ۾ آساني جي لاءِ قدمن جو جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ وزيراعظم چيو ته ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني لاءِ حڪومتي پاليسي قدمن ۽ ايز آف ڊئنگ بزنس ايڪٽ 2025 تي عملدرآمد کي تيز ڪيو وڃي.
هن چيو ته عالمي ادارن کان ٽئين پارٽي جي تصديق کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني جي قدمن جي اثرائتي ۽ ان تي عملدرآمد کي جانچيو وڃي، پاڪستان ۾ مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جي وسيع امڪانن مان ڀرپور فائدو کڻڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.
وزيراعظم چيو ته ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني لاءِ پاليسي قدمن تي عملدرآمد بابت جامع رپورٽ تيار ڪري جلد پيش ڪئي وڃي. قانون ۽ انصاف واري وزارت، ايس آءِ ايف سي، بورڊ آف انويسٽمينٽ، واپار واري وزارت، صنعت واري وزارت ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جون ڪاروبار ڪرڻ ۾ آسانيءَ لاءِ قانون ۽ پاليسيون ٺاهڻ جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
اجلاس کي قدمن تي عملدرآمد ۽ مستقبل جي پلان آف ايڪشن بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪاروبار کي آسان بڻائڻ جي حوالي سان مختلف قاعدن ۽ ڪاغذي ڪارروائين ۽ منظورين ۾ گهٽتائي جي حوالي سان 558 سڌارن تي ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، جن مان 71 پاليسي قدمن تي عمل ڪيو ويو آهي جڏهن ته 272 تي عملدرآمد تي ڪم تيزيءَ سان جاري آهي.
اجلاس ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته انهن تي 7 مرحلن ۾ مختلف شعبن ۾ عمل ڪيو پيو وڃي، انهن قدمن جي ڪري ڪاروباري برادري کي مختلف ضابطن ۽ شرطن تي بچت جي رقم جو اندازو 468.7 ارب رپيا آهي.
اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته غير ضروري ۽ پيچيده ڪاغذن ۽ ضابطن جي خاتمي سان برآمدات ۾ اضافو ٿيندو، پرڏيهي سڌي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا.


