پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ گذريل هفتي 1.7 ملين ڊالرن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. اسٽيٽ بئنڪ جي انگن اکرن موجب حڪومتي پرڏيهي مٽا سٽا جي ذخيرن جو ماليت 15 ارب 86 ڪروڙ 70 لک ڊالرن جي سطح تي پهچي ويو ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن جو انگ 5 ارب 46 ڪروڙ 93 لک ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته 8 مئي 2026 تي ختم ٿيندڙ هفتي دوران اسٽيٽ بئنڪ جي پرڏيهي مٽا سٽا جي ذخيرن ۾ 17 ڪروڙ 70 لک ڊالرن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 21 ارب 33 ڪروڙ 60 لک ڊالرن جي سطح تي پهچي ويا.
Source link

پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ هڪ ڪروڙ 70 لک ڊالرن جو اضافو
Leave a Comment Leave a Comment

