وفاقي حڪومت پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سيڙپڪاري بورڊ کي SIFC ۾ ضم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ايڪسپريس نيوز موجب ان قدم سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو نظام وڌيڪ تيز، وڌيڪ موثر ۽ آسان ٿيندو. ذريعن موجب اهو انضمام وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي متوقع دوري کان اڳ مڪمل ڪيو ويندو.
ان فيصلي جو مقصد سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت سيڙپڪاري تعاون کي هٿي ڏيڻ آهي، جنهن سان چين سميت عالمي سيڙپڪارن کي سهولت ملندي.
نئين ڍانچي ۾، SIFC پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ پاليسي تي عملدرآمد ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندو. اداري خاص اقتصادي زونن ۽ ريگيوليٽري سڌارن لاءِ هڪ جامع روڊ ميپ تيار ڪرڻ جو ذميوار پڻ هوندو.
SIFC جي قيادت ۾ سيڙپڪاري جو عمل تيز ٿيندو، ادارن ۾ هم آهنگي ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته بورڊ آف انويسٽمينٽ جو انضمام سيڙپڪاري نظام کي ضم ڪرڻ جي طرف هڪ اهم قدم آهي.


