ڪراچي:
ٽن ڏينهن جي وقفي کانپوءِ عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي آهي.
عالمي بلين مارڪيٽ ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ 33 ڊالر في اونس جي گهٽتائي ٿي، جنهن بعد نئين عالمي قيمت 4 هزار 792 ڊالر في اونس جي سطح تي اچي وئي.
عالمي منڊي ۾ اڄ 24 قيراط سون جي قيمت ۾ 3300 رپيا في تولو گهٽتائي ٿي، جنهن بعد نئين قيمت 5 لک 1 هزار 562 رپين جي سطح تي اچي وئي.
اهڙي طرح ملڪ ۾ سون جي في 10 گرام جو اگهه 2829 رپين جي گهٽتائي سان 4 لک 30 هزار 8 رپيا ٿي ويو.
ان کان علاوه مقامي سطح تي چاندي جو في تولو اگهه 70 رپين جي گهٽتائي سان 8 هزار 444 رپيا ۽ في 10 گرام چاندي جو اگهه به 60 رپيا گهٽتائي سان 7 هزار 239 رپيا ٿي ويو.


