اسلام آباد:
ايندڙ مالي سال 27-2026 جي بجيٽ ۾ حڪومت جي ڊي پي جو 5.1 سيڪڙو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽيڪس وصولي جو هدف 15500 ارب رپين کان وڌيڪ رکڻ جو امڪان آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ لاءِ مختلف اسٽيڪ هولڊرز کان مليل بجيٽ تجويزن جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ قابل عمل تجويزن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ آءِ ايم ايف پروگرام ۾ مقرر ڪيل معيارن ۽ شرطن موجب تيار ڪئي پئي وڃي ۽ آءِ ايم ايف جو جائزو وٺڻ وارو مشن ايندڙ مهيني پاڪستان ايندو جنهن ۾ تفصيلي مشاورت کانپوءِ بجيٽ تجويزن کي حتمي شڪل ڏني ويندي.
اميد آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ پهرين جون تي پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال لاءِ معاشي ترقي جو هدف 5.1 سيڪڙو رکڻ جي تجويز آهي، جيڪا هن مالي سال 4.2 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي.
اهڙي طرح ايندڙ مالي سال لاءِ ٽيڪس جو هدف 15 هزار ارب رپين کان وڌيڪ رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جيڪا هلندڙ مالي سال لاءِ 14 هزار 131 ارب رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، هدف ۾ ترميم باوجود ايف بي آر کي 9 مهينن ۾ 610 ارب رپيا خسارو ٿيو.


