ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پاڪستان ۾ ڪا به ملاقات طئي ناهي: ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ممڪن ملاقات جي ڪنهن به منصوبي جي سختي سان ترديد ڪئي آهي. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته هو ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان گڏ سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهتو آهي، جتي هو پاڪستان جي اعليٰ قيادت سان اهم ملاقاتون ڪندو. ترجمان موجب ان دوري دوران پاڪستان طرفان جاري ثالثي جي ڪوششن بابت معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي، جڏهن ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي صورتحال تي به غور ڪيو ويندو. هن چيو ته ڳالهين ۾ آمريڪا پاران لاڳو جارحاڻي قدم ختم ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن جي بحالي جهڙا اهم معاملا به شامل هوندا. اسماعيل بقائي واضح ڪيو ته هن دوري دوران ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪنهن به سطح تي ڪا به ملاقات نه ٿيندي پر ايراني وفد پاڪستان کي پنهنجي موقف ۽ مشاهدن کان آگاهه ڪندو. واضح رهي ته ان کان اڳ وائيٽ هائوس جي ترجمان آمريڪي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو هو ته ايران پاڻ رابطو ڪري بالمشفه ۾ ملاقات جي درخواست ڪئي هئي. ترجمان آمريڪي وفد جي امن ڳالهين ۾ شرڪت جي تصديق ڪندي چيو ته اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر ڇنڇر جي صبح پاڪستان روانو ٿي ويندا.



Source link

Share This Article
Leave a Comment