پنجاب ۽ سنڌ کانپوءِ بلوچستان ۾ به اسڪولن جي گرمين جي موڪلن جو اعلان ٿي ويو.
بلوچستان حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبي جي سرڪاري اسڪولن ۾ گرمين جون موڪلون 23 مئي کان 31 جولاءِ تائين هونديون.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن سنڌ جي تعليم کاتي چيو هو ته اسڪولن ۾ گرمين جون موڪلون پهرين جون کان 31 جولاءِ تائين هونديون، اختيارين جو چوڻ هو ته فيصلو سمورن خانگي ۽ سرڪاري اسڪولن تي لاڳو ٿيندو.
ان کان علاوه پنجاب جي اسڪولن ۾ به گرمين جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو.
اهڙو اعلان پنجاب جي تعليم واري وزير رانا سڪندر حيات سوشل ميڊيا ويب سائيٽ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ ڪيو.
پنجاب ۾ اسڪولن جون موڪلون 22 مئي کان شروع ٿي 24 آگسٽ تائين هونديون
– رانا سڪندر حيات (@RanaSikandarH) 11 مئي 2026
صوبائي تعليم واري وزير چيو ته پنجاب جي اسڪولن ۾ گرمين جون موڪلون 22 مئي کان شروع ٿينديون، انشاءَ الله 24 آگسٽ تي اسڪول کلي ويندا.


