ماسڪو:
روسي صدر ولاديمير پيوٽن 9 مئي تي يوڪرين سان عارضي جنگبندي جي آڇ ڪئي آهي، جنهن کي سفارتي حلقن ۾ وڏي پيش رفت قرار ڏنو پيو وڃي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب اها آڇ ڊونلڊ ٽرمپ ۽ پيوٽن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه دوران سامهون آئي.
روسي صدر جي سفارتي صلاحڪار چيو ته پوتن فتح جي ڏينهن جي جشن دوران ويڙهه بند ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي ته جيئن اهو ڏينهن پرامن ماحول ۾ ملهائي سگهجي.
ياد رهي ته روس ۾ فتح جو ڏهاڙو 9 مئي تي ملهايو ويندو آهي، جيڪا ٻي عالمي جنگ ۾ نازي جرمني خلاف سوويت يونين جي فتح جي ياد ۾ ملهائي ويندي آهي.
روسي صدارتي صلاحڪار موجب آمريڪي صدر به ان تجويز جو مثبت جواب ڏنو ۽ هن ڏينهن کي گڏيل تاريخي ڪاميابي جو ڏينهن قرار ڏنو.
جڏهن ته، هن ممڪن جنگبندي جي حوالي سان يوڪرين طرفان ڪوبه سرڪاري ردعمل نه آيو آهي.


