ڪراچي: منشيات فروش انمول عرف پنڪي جي ڪيس ۾ جاچ جو دائرو اينٽي ٽيررازم سيل پهچي ويو آهي.
اينٽي ٽيررازم فورس جي ذريعن موجب پنڪي ڪيس ۾ سي ٽي ڊي جي 2 اهلڪارن خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
سي ٽي ڊي ذريعن موجب ٻئي اهلڪار پنڪي سان رابطي ۾ هئا، اي ايس آءِ ڪفيل ۽ سپاهي علي قريشي خلاف الزامن جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
ذريعن موجب ٻئي اهلڪار سي ٽي ڊي سول لائنز ۾ تعینات آهن.


