سلهٽ ٽيسٽ: بنگلاديش فتح جي ويجهو، پاڪستان کي فتح لاءِ 121 رنسن جي ضرورت آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ٻئين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان خلاف بنگلاديش جي پوزيشن مضبوط ٿي وئي آهي.

سلهٽ ۾ کيڏيل ميچ جي چوٿين ڏينهن جي پڄاڻي تي پاڪستان 7 وڪيٽن جي نقصان تي 316 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.

محمد رضوان 75 ۽ ساجد خان 8 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود آهن جڏهن ته پاڪستان کي تاريخي فتح لاءِ وڌيڪ 121 رنسن جي ضرورت آهي.

پاڪستان طرفان ڪپتان شان مسعود ۽ سلمان آغا 71، 71، بابر اعظم 47، اذان اويس 21، عبدالله فضل ۽ سعود شڪيل 6، 6 جڏهن ته حسن علي بنا ڪنهن رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا.

بنگلاديش طرفان تيج الاسلام 4، ناهيد رانا 2 ۽ مهدي حسن ميراز هڪ وڪيٽ ورتي.

ڪالهه بنگلاديش جي ٽيم پنهنجي ٻي اننگز ۾ 390 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي ۽ پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 437 رنسن جو وڏو ٽارگيٽ ڏنو.

ياد رهي ته پاڪستان ٽاس کٽي بنگلاديش کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني هئي.

بنگلاديش پنهنجي پهرين اننگز ۾ 278 رنسون ٺاهيون هيون، جنهن جي جواب ۾ پاڪستاني ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 232 رنسون ٺاهي سگهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment