اسلام آباد:
سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي اڄ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي.
پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان موجب ان اهم ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ڀائراڻن لاڳاپن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو.
ملاقات دوران علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
سعودي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو.


