لاهور:
صوبائي راڄڌاني سميت پنجاب ۾ برسات شروع ٿيڻ واري آهي، ان حوالي سان شهرين ۽ هارين لاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ۾ مٽيءَ جي هوائن ۽ برساتن جو موسمي نظام اچي ويو آهي، جنهن سبب پنجاب جي مختلف علائقن ۾ اڄ کان 20 جون تائين هلڪي برسات جو امڪان آهي.
لاهور ۾ اڄ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 26 ڊگري سينٽي گريڊ جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 39 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي.
ٻئي طرف پنجاب ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) صوبي ۾ تيز هوائن، برسات ۽ ٿڌ جي حوالي سان الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان موجب اڄ کان پنجاب جي اڪثر ضلعن ۾ برسات پوڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته برساتن جو اهو سلسلو 20 جون تائين جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
پي ڊي ايم اي موجب راولپنڊي، مري، گليات، اٽڪ، چکوال، جهلم، منڊي بهاءُ الدين، گجرات، گوجرانوالا، حافظ آباد ۽ وزيرآباد ۾ برسات جو امڪان آهي. اهڙي طرح فيصل آباد، اوڪاڙه، قصور، خوشاب، سرگوڌا، ڀکر، ليه، ميانوالي، بهاولپور ڊويزن، ڊيرا غازي خان، ملتان، خانيوال، لوڌران، مظفر ڳڙهه، راجن پور، رحيم يار خان ۽ ڪوٽ ادو ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
ترجمان موجب لاهور، شيخوپوره، سيالڪوٽ، نارووال، جهنگ، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، پاڪپتن، ننڪانه صاحب، چنيوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي. پي ڊي ايم اي خبردار ڪيو آهي ته راولپنڊي، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، لاهور ۽ فيصل آباد ۾ به شهري ٻوڏ جو خطرو آهي.
ڊي جي ڊي ايم اي عمر جاويد چيو ته پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي هدايتن تي صوبي جي ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
هن شهرين کي هدايت ڪئي ته هو برسات کان بچڻ لاءِ محفوظ هنڌن تي رهن ۽ گجگوڙ دوران ڪڏهن به کليل هنڌن تي نه وڃن. مٽي جي طوفان ۽ تيز هوائن دوران پڻ احتياط جي صلاح ڏني وئي آهي.
ڊي جي پي ڊي ايم اي هارين کي صلاح ڏني ته هو موسم جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سمورا احتياطي اپاءَ وٺن، جڏهن ته سياحن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو اترين علائقن ۾ سفر دوران احتياطي اپاءَ وٺن.


