بنون ۾ رات دير سان دهشتگردن فتح خيل پوليس پوسٽ تي بارود سان ڀريل گاڏي کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ هينئر تائين 15 اهلڪار شهيد ٿي ويا. پوليس موجب ٽن اهلڪارن کي ملبي مان زنده ڪڍيو ويو آهي. شهيدن ۾ رحمت اياز، ثناءُ الله، نياز علي، صاحب، سعدالله، ڪامران ولد محمود خان، نعمت الله، ڪامران، عابد جاني، عمران، نعيم الله، صديق الله، مير عالم خان، راحت الله خان ۽ فاروق داد شامل آهن. ڊي آءِ جي بنون ريجن سجاد خان رات دير سان ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جو دورو ڪري زخمي اهلڪارن جي عيادت ڪئي. اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي بنون ريجن چيو ته بنون پوليس جو مورال بلند آهي، دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. ڊي آءِ جي بنون چيو ته هي دهشتگردن جي آخري بزدلاڻي ڪارروائي ثابت ٿيندي، بنون پوليس چونڊيل دهشتگردن کي ماريندي ۽ علائقي مان سندن مڪمل خاتمي کي يقيني بڻائيندي. پوليس موجب سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن اڃا تائين جاري آهي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي بنون ضلعي ۾ فتح خيل پوليس اسٽيشن تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سهيل آفريدي زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ رڳو خيبرپختونخواهه جي نه پر سڄي ملڪ جي آهي، بند دروازن پٺيان ڪيل فيصلن ۽ مسلط ڪيل پاليسين ملڪ کي بدامني جي دلدل ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. خيبرپختونخواهه حڪومت دهشتگردي کان متاثر هر خاندان سان گڏ بيٺل آهي. وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته خيبرپختونخواهه پوليس دهشتگردي خلاف فرنٽ لائين تي بيهي وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، شهيدن جون قربانيون ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، دهشتگرديءَ جي لعنت جو خاتمو آڻينداسين.
Source link

بنون ۾ رات دير سان پوليس پوسٽ تي آپگهاتي ڌماڪو، شهيد اهلڪارن جو انگ وڌي 15 ٿي ويو آهي.
Leave a Comment Leave a Comment

