توهين رسالت ڪيس ۾ گرفتار اينڪر ريحان طارق کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو ويو.
لاهور جي ضلعي ڪڇي ۾ توهين رسالت ڪيس ۾ گرفتار نيوز اينڪر ريحان طارق جي جسماني رمانڊ تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ جاچ آفيسر موقف اختيار ڪيو ته جوابدار جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي ضرورت ناهي.
جڊيشل مئجسٽريٽ نعيم ويٽو جي روبرو ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن بعد عدالت جاچ آفيسر جي بيان تي جوابدار ريحان طارق کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.
ٻڌڻي دوران جڊيشل مئجسٽريٽ نعيم ويٽو رمارڪس ڏنا ته مذهبي ڄاڻ کانسواءِ مذهبي بحث نه ٿيڻ گهرجي.
ان کان اڳ جوابدار ريحان طارق کي سخت سڪيورٽي ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي جاچ آفيسر طرفان جاچ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي.
واضح رهي ته اين سي آءِ اي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي.


